بلڙي شاهه ڪريم ۾ “جو کيڙي سو کائي” جو فلسفو ڏيندڙ صوفي شاهه عنايت جي 307ين عرس جون تقريبون جاري

bulri

ٽئين ڏينهن تي صوفياڻي راڳ جي محفل ۽ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي.

صوفي شاهه عبايت جي عرس جي ٽئين ڏينهن درگاهه اڱڻ ۾ راڳ جي محفل ڪوٺائي جنهن ۾ راڳين صوفياڻا ڪلام ڳائي ماحول منڍي ڇڏيو ۽ هر طرف حق موجود سدا موجود جون سدائون گونجنديون رهيون.

درگاهه جي گادي نشين صوفي عطا الله تاريخي چبوتري مان محفل جو سماءُ ڪيو.

عرس جي ٽئين ڏينهن ادبي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ناليوارن اديبن، دانشورن ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناليواري اديب صوفي حضور بخش چيو ته صوفي شاهه عنايت مظلومن جي حقن لاءِ مغل حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪايو، صوفي ازم هڪ تحريڪ آهي جيڪا امن، اخوت ۽ محبت جو درس ڏئي ٿي.

ميان مير چانڊئي چيو ته صوفي شاهه عنايت هڪ نظريو ۽ فلسفو آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ دنيا مان مذهبي مت ڀيد جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.

صوفي شاهه عنايت جي عرس جون تقريبون سڀاڻي صبح ڏهين وڳي پڄاڻي تي پهچينديون، اجتماعي دعا واري تقريب کانپوءِ هند سنڌ سميت مختلف هنڌن کان ڪــَـهي آيل پانڌيئڙا واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽندا.

The post بلڙي شاهه ڪريم ۾ “جو کيڙي سو کائي” جو فلسفو ڏيندڙ صوفي شاهه عنايت جي 307ين عرس جون تقريبون جاري appeared first on سنڌ ٽي وي نيوز.